Ambreen
@ArbabAmbreen
اللّه ڏاھي م ٿيان، ڏاھيون ڏُک ڏِسن
سڀ نيڻين سڻڀا، جي سونهن سين سچو نه هجن، ويا سي ويهي ڀيڙا، جن ڏٺو دوست ڏيئو. جئي لطيف

جيڪا به ڳالهه لکو، دل سان لکو. اهو لکو جيڪو ڪنهن جي ڀلائي لاءِ هجي، ڌرتيءَ لاءِ، انسانن لاءِ هجي. اهو نه لکو جيڪو نفرت وڌائي، اُهو لکو جيڪو پيار، سمجهه ۽ سچائي سان ڀرپور هجي.
بابا صرف ڪمائڻ وارو ناهي هوندو، هو سيکاريندڙ، سنڀاليندڙ ۽ زندگيءَ جو رستو ڏيکاريندڙ به هوندو آهي. مون بابا سان گڏ بزنس جي شروعات ڪئي آهي، روز سکڻ جو سفر جاري آهي. دعا آهي ﷲ مونکي ڪامياب بڻائي 🙏
بدين مورجھر ويجھو ڏاڏي آدم ابڙو 23 ورهين جي ناريءَ کي ڪارنھن الزام هيٺ ڇريءَ سان ڪھي بي رحميءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. وارث ڪيس کان انڪار ڪيو، پوليس پاڻ مدعي بڻجي ٽي درندا گرفتار ڪيا. هاڻي خاموشي نه، انصاف کپي!

هتي عورت صرف الزام سان مارجي ٿي. سکر صالح پٽ ۾ ٻالڪي شنباڻي کي ڪارنهن جي نالي تي قتل ڪيو ويو، بغير جنازي دفن هي غيرت نه، درندگي آهي. #ڪارنهن #انصاف #عورتن_سان_تشدد
انسانيت جو اصل روپ تڏهن ظاهر ٿيندو آهي، جڏهن ڪنهن جي ڏک ۾ ساٿ ڏبو آهي.
سنڌ جي ڌرتيءَ جو رنگ آسٽريليا تائين! وويڪ دسيجا، پير جي ڳوٺ مان، آسٽريليا جي يونيورسٽي ۾ انگريز عورتن سان گڏ روايتي سنڌي جھمر رقص ڪندي سنڌي تهذيب، محبت ۽ خوشيون جتي وڃن، اوتي رنگ ئي ٻرندا! #SindhiCulture #Jhummar #ProudSindhi #Australia #CulturalDiplomacy
ظلم، جھوٹ اور برائی ہمیشہ کمزور بنیادوں پر کھڑی ہوتی ہیں، جو وقت آنے پر خود ہی گر جاتی ہیں۔ صبر کرنا اصل بہادری ہے، کیونکہ وقت سے بڑا منصف کوئی نہیں۔
زندگی کے بڑے سبق اُن لمحوں سے ملتے ہیں جو انسان کی روح کو چیر کر رکھ دیتے ہیں۔ خوشیاں تو عارضی مہمان ہوتی ہیں، مگر دکھوں اور اذیتوں کے بعد جو شعور، صبر اور سچائی جنم لیتی ہے، وہی انسان کو نیا بنا دیتی ہے۔
حاسد ماڻهو ظاهري طور ته اوهان جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر لاشعوري طور تي اهي ئي اوهان جي عزم، صبر ۽ صلاحيت کي نکارڻ جو سبب بڻجن ٿا. نتيجي طور، اوهان وڌيڪ مضبوط، باحوصلو ۽ پنهنجن مقصدن لاءِ پرعزم بڻجي بيهندا آهيو.
جيڪو ماڻهو پاڻ سان وفادار هوندو اهو ئي ٻين سان ايماندار ٿي سگهي ٿو. پاڻ کي سمجهڻ، عزت ڏيڻ ۽ اهميت ڏيڻ سان ئي انسان اهو شعور حاصل ڪري ٿو جيڪو کيس ٻين سان سچو ۽ مخلص بڻائي ٿو. اها خودغرضي نه، پر پاڻ جي سڃاڻپ آهي جيڪا هر پختگيءَ جو پهريون قدم آهي.
عمران خان کے بیٹوں، قاسم اور سلیمان، کی امریکہ میں رچرڈ گرینل سے ملاقات

وائيس آف انڊس تي منهنجي لکيل ھي پوسٽ پڙھندا facebook.com/share/p/1B2SDA…
اسان ڏي بابا ڪون ڇوڙو، بابا جيل وچ پيا هِن امان به چاڪ ڪونهي، ننڊڙا به چاڪ ڪونهي ڳوٺ بجراڻي لغاري جي معصوم نياڻي جي هي دانهن ڌرتيءَ جو دل ڌڪائيندڙ سوال آهي. بابا جيل ۾، ٻارڙي دانھي رهي آهي. ڇا انصاف ايترو پري ٿي ويو آهي؟ #Sindh #HumanRights #انصاف_ڏيو
تعليم هجڻ باوجود سوچڻ جي آزادي گهٽجي وئي آهي. علم کي واڌاري بدران دٻايو وڃي ٿو. ماڻهو اڄ به ماڳن تي سچ بدران روايتن جا پوئلڳ آهن.
سچ لکڻ لاءِ نه عمر کپي نه اجازتون صرف همت گهربل آهي. لکو نتيجن جي پرواهه کانسواءِ انهن لاءِ جيڪي خوف جي چپن ۾ بي زبان بڻجي ويا آهن. اُهو آواز بڻجو جيڪو سندن اندر دٻجي ويو آهي.
اسان کي انهن وحشي رسمن کان نفرت آهي جتي جرڳو ڪري ڪنهن معصوم جي حياتي کسجي. اھو نه قانون، نه انصاف اوهان ٿيندا ڪير؟ ڪنهن کان جيئڻ جو حق کسڻ وارا؟ اهڙي ظلم تي خاموشي بہ ڏوهه آهي. اهڙين رسمن ۽ فيصلا ڪندڙن تي لک لعنتون.
بلوچستان ۾ پيار ڪندڙ جوڙي جي قتل جو حڪم ڏيندڙ سردار عدالت ۾ پيش، نه هٿڪڙيون، نه شرم، پوليس ڄڻ سيڪورٽي ڏئي رهي هجي — قاتل نه ڄڻ ڪو VIP ھجي
ٽنڊو جان محمد ۾ ٺڳن جو وڏو نيٽ ورڪ بي نقاب! سوين ماڻهو ڪروڙين روپيا وڃائي ويٺا، پر پوليس ۽ ادارا خاموش تماشائي آخر ڪڏهن تائين مظلوم ڌوڪا کاڌل ماڻهن کي انصاف نه ملندو؟
ڏاڙهيون ته هُيون، پر ڏيهه جي نياڻين لاءِ رحم نه هيو غيرت جا سوداگر، انسان نه وحشي هئا.
ڏاهي نياڻي ڏاڙهي، وڃي ساجهر سُتا، هو بيعيرت ڪُتا، انسان نما شيطان هئا.
اسان توکان شرمندہ آهيون ڇو ته تو وٽ حوصلي جي روشني هئي، ۽ اسان وٽ بزدليءَ جي خاموشي. تون وقت کان اڳ جي روشني هئين، ۽ هي سماج اڃا تائين غيرت جي نالي ۾ اونداهين جا قيدي آهن. توتي ظلم نه ٿيو، بلڪه انسانيت جو جنازو ڪڍيو ويو. تاريخ تنهنجو نالو ڀي عزت سان وٺندي، پر سماج صرف افسوس سان.